بنده علي خان ٽالپر

بنده علي خان ٽالپر

بنده علي خان ٽالپر

بنده علي خـان ٽالپر: ناميارو سياستدان مير بنده علي خان، تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. 1930ع ۾ بمبئي اسيمبليءَ جو رڪن منتخب ٿيو. ان ئي عرصي ۾ سنڌ سيپريشن ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 1937ع تائين اسپيشل مئجسٽريٽ ۽ گهڻي وقت تائين حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بورڊ جو صدر پڻ رهيو. ساڳئي سال سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ سر غلام حسين هدايت الله جي ڪابينه ۾ وزير مقرر ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ شهيد الله بخش سومري جي ڪابينه ۾ به رهيو. بعد ۾ 1940ع ڌاري پنهنجي وزارت ٺاهيائين ۽ سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو. 1946ع ۾ وري سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبر طور چونڊيو ويو. انهن ڏينهن ۾ جڏهن 19 مارچ 1946ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگي وزارت خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ هلي ته نئشنل ڪانگريس طرفان تحريڪ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ کيس وڏي رقم ڏني وئي .
ورهاڱي کان پوءِ 1953ع ۾، مير بنده علي خان هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، پر پوءِ جلد ئي سياست ترڪ ڪري،
گوشه نشين ٿي ويو. سندس وفات 7 جنوري 1975ع بمطابق 1394هه ٽنڊي غلام علي ۾ ٿي .


لفظ بنده علي خان ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو